اهل بیت شناسی



امام زمانه جی غیبت ۾ ڪیئن سندس اصحاب ٿیون؟

امام صادق علیه السلام فرمائن ٿا : عنْ أبِی عَبْدِاللهِ  علیه السّلام  قالَ:

مَنْ سَرَّهُ أَنْ یَکونَ مِنْ أَصْحابِ الْقائِمِ فَلْیَنْتَظِرْ وَلْیَعْمَلُ بِالْوَرَعِ وَمَحاسِنِ الْأَخْلاقِ وَهُوَ مَنْتَظِرٌ فَاِنْ ماتَ وَقامَ الْقائِمُ بَعْدَهُ کانَ لَهُ مِنَ الْأَجْرِ مِثْلُ أَجْرِ مَنْ أَدْرَکهُ.

جیڪو چاهی ٿو ته امام زمانه (عج) جی دوستن ۽ اصحابن منجهان ٿئی ان کی گهرجی ته انتظار سان گڏوگڏ ورع (تقوا ۽ پرهیزگاری) کی اختیار ڪری ۽ پنهنجی اخلاق کی سڌاری ته اهو ئی حقیقی انتظار ڪرڻ وارو آهی، جیڪڏهن اهو شخص انهی حالت ۾ هن دنیا منجهان هلیو وڃی ۽ ان کان بعد امام زمانه علیه السلام جو ظهور (قیام) ٿی وڃی ته ان شخص جو رتبو به ان شخص جی برابر آهی جیڪو امام زمان علیه السلام سان گڏ آهی.

                             (مستدرڪ سفینه البحار ج 6 ص 184)



این متن اولین مطلب آزمایشی من است که به زودی آن را حذف خواهم کرد.

مرد خردمند هنر پیشه را، عمر دو بایست در این روزگار، تا به یکی تجربه اندوختن، با دگری تجربه بردن به کار!

اگر همه ما تجربیات مفید خود را در اختیار دیگران قرار دهیم همه خواهند توانست با انتخاب ها و تصمیم های درست تر، استفاده بهتری از وقت و عمر خود داشته باشند.

همچنین گاهی هدف از نوشتن ترویج نظرات و دیدگاه های شخصی نویسنده یا ابراز احساسات و عواطف اوست. برخی هم انتشار نظرات خود را فرصتی برای نقد و ارزیابی آن می دانند. البته بدیهی است کسانی که دیدگاه های خود را در قالب هنر بیان می کنند، تاثیر بیشتری بر محیط پیرامون خود می گذارند.


بسم الله الرحمن الرحیم

خداوند متعال جی ڪروڙین ڪرم جو اسان کی اهل بیت ع جی مڃڻ وارن مان قرار ڏنائین ۽ اهل بیت جی موالین منهجان قرار ڏنائین اهل بیت جی ولایت هڪ تمام وڏی نعمت آهی ۽ انهی ئی نعمت جی باری ۾ اسان کان م ۾ سوال ڪیو ویندو و یسئلونک عن النعیم انهی آیه شریفه جی تفسیر ۾ امام صادق ع فرمائن ٿا ته اها نعمت جنهن جی باری ۾ پڇا ڪئی ویندی اها اسان اهل بیت جی ولایت آهی انهی اهل بیت ع جی ولایتی لاء کوڙ ساریون شرطون به آهن ائین ناهی ته فقط زبان سان علی علی ۽ حسین حسین چوڻ سان اسان ولائی ۽ شیعه ٿی وینداسین پر انهی جی لاء اسان جی ڪردار گفتار رفتار به علی و حسین علیهما السلام وانگر هجڻ گهرجی .

انهی مومنن جی نشانی منجهان هڪ نشانی امام حسین ع جی معرفت ساڻ  زیارت ڪرڻ به آهی انهی لاء هن مختصر مقالی ۾ امام حسین جی زیارت جو ثواب ۽ فضیلت کی ذڪر ڪرڻ جی ڪوشش ڪئی ویندی ته جیئن هر مومن زایر کی انهی امام جی معرفت ۾ اضافو ٿئی ۽ جیئن زیارت جو حق آهی ائین زیارت ڪئی وڃی هتی ڪجھ روایتون امام حسین ع جی زیارت جی فضیلت جی باری ۾ ذڪر ڪیون ٿیون وڃن.

1. عبدالله بن زراره  امام صادق ع کان نقل ٿا ڪن ته ، امام ع فرمایو ته بتحقیق امام حسین جی زوار لاء قیامت جی ڏینهن تمام وڌیڪ فضیلت ۽ مان ۽ مرتبو آهی  راوی امام ع کان پڇا ٿا ڪن ته مولا ڪهری فضیلت آهی امام حسین جی زایر لاء؟ امام صادق سندس جواب ۾ فرمائن لڳا: امام حسین جا زوار ٻین سڀنی کان چالیھ سال پهریان جنت ۾ داخل ٿیندا ۽ ٻیا انسان حساب و ڪتاب جی سختین ۾ بیٺل هوندا یعنی انهن جی فارغ ٿیڻ کان پهریان ئی امام حسین ع جا زایر جنت ۾ هلیا ویندا(کامل ایارات ج1 باب539

اهمیت جی ڳالھ اها آهی ته امام صادق ع ان روایت ۾ چالیھ سالن جو ذڪر ڪیو آهی جنهن مان ظاهرا اهو ٿو ٿئی ته اهی چالیھ سال اخروی هوندا نه دنیوی جڏهن ته اخروی سال دنیا جی سالن کان تمام وڌیڪ طولانی هوندا آهن.

2.محمد بن مسلم نقل ٿا ڪن ته امام صادق ع جی خدمت ۾ عرض ڪیم ته یابن رسول الله امام حسین جی قبر جی زیارت ڪرڻ جو اجر ۽ ثواب ڇا آهی ؟ امام صادق فرمائڻ لڳا ته  جیڪو امام حسین جی زیارت جی شوق ۾ ڪربلا وڄی خداوند متعال جی عزیر ۽ محترم ٻانهن مان لیکیو ویندو ۽ امام حسین ع جی پرچم جی سائی ۾ هوندو ایستائین جو امام حسین سان گڏ بهشت ۾ داخل ٿیندا(کامل ایارات ج1 باب 56) هن روایت ۾ امام حسین جی زوار جو مان ۽ مرتبو ایتری حد تائین ذڪر ڪیو ویو آهی جو امام حسین سان گڏ بهشت ۾ داخل ٿیڻ وارن مان شمار ڪیو ویو آهی امام حسین جیڪو جوانان جنت جو سردار آهی سندس زایر سان گڏ بهشت ۾ داخل ٿیندو.

3. رسول خدا ص فرمائن ٿا ته ای علی جنهن منهنجی، تنهنجی ۽ تنهنجی پٽن جی زندگی ۾ یا سندن وفات(شهادت) کان پوء زیارت ڪئی مان (رسول خدا) قیامت جی سختین ۽ ڏکیائن ۾ انهن جی مدد ڪندس ۽ انهن جو ضامن ٿیندس ایستائین جو انهن کی جنت ۾ انهن سان گڏ ۽ پهنجی برابر رتبو ڏیاریان(کامل ایارات ج3 باب 1)

4. هی روایت جیڪا هاڻی نقل ڪجی ٿی اها روایت اسان جی زمانی ۽ هن دور جی حالتن جی عڪاسی ٿی ڪری ته مبادا توهان منجهان ڪیر امام حسین جی زیارت کی ڪنهن خوف ۽ ڊپ منجهان ڇڏی ڏی، مثلا هن ریت ته عراق جا ی ۽ امن و امان جی حوالی سان حالات صحیح ناهن سو هن سال زیارت تی نٿو وڃان وغیره .ته اهڙی دور ۽ حالتن لاء به امام علیه السلام جو پنهنجی هڪڙی صحابی لاء جیڪو حڪم آهی سو اسان لاء به آهی، اهو هن ریت آهی ته امام حسین ع پنهنجی هڪ صحابی جنهن جو نالو معاویه آهی کیس فرمائن ٿا ته ای معاویه ڪنهن به خوف ۽ حراس جی ڪری امام حسین جی زیارت کی ترڪ نه ڪجان ڇو ته جیڪو به امام حسین جی زیارت کی ڪنهن دنیوی خوف جی ڪری ترڪ ڪندو ته ان کی سواء حسرت جی ڪجھ به نه ملندو ، پوء امام صادق ع فرمائڻ لڳا ته ای معاویه ڇا تون اهو پسند نه ڪندین ته خداوند متعال تنهنجی 70 سالن جی گناهن کی معاف ڪری ڇڏی؟ ڇا تون اهو پسند نه ڪندین ته تون هن دنیا مان هلیو وڃین ۽ توتی ڪوبه گناه نه هجی یعنی گناهن کان پاڪ هن دنیا کان هلیو وڃین؟ ڇا تون اهو پسند نه ڪندین ته قیامت جی ڏینهن رسول خدا ص توسان مصافحو ڪری؟؟ (ڪامل ایارت ج3 باب45) ان روایت ۾ امام حسین جی زایر لاء جیڪی فضیلتون ذڪر ڪیون ویون آهن سی واقعا فوق العاده آهن جنهن ۾ پهرین امام صادق 70 سالن جی گناهن جی معاف ٿیڻ جو واعدو ۽ پوء وری ان کان به وڌیڪ سڄی زندگی جی گناهن جی معافی جو واعدو ۽ سڀ کان وڌیڪ وری رسول خدا ص سان مصافحی ڪرڻ جی فضیلت بیان ڪرڻ ان ڳالھ ڏانهن اشارو آهی ته ڪنهن به حال ۾ هجو ۽ ڪهڙا به حالات هجن امام حسین جی زیارت کی ڇڏی نٿا سگهو ڇو ته اما حسین ئی هدایت جو ڏیئو ۽ نجات جی ٻیڙی آهی جیڪو به ان هدایت جی ٻیڙی ۾ سوار ٿیندو یقینن نجات پائیندو.

5. امام صادق فرمائن ٿا ته قیامت جی ڏینهن هڪ آواز بلند ٿیندو جنهن ۾ اهو اعلان ٿیندو ته ڪٿی آهن امام حسین جا زایر؟ ایتری ۾ هڪ قوم ظاهر ٿیندی جنهن جی تعداد کی فقط خدا ڄاڻیندو ، ان کان پوء انهن کان سوال ڪیو ویندو ته توهان امام حسین جی زیارت ڪهڙی مقصد ۽ هدف جی ڪری ڪئی؟ اهی چوندا ای رب العزه اسان انهن جی زیارت انهن جی محٻت ۽ عشق ۾ ڪئی ان کان پوء خداوند متعال فرمائیندو ته ای امام حسین جا زوارو اٿو ۽ هنن پنج تن سان گڏ وڃو توهانجو مان ۽ مرتبو مون وٽ انهن جی درجی وانگر بلند ۽ اعلی آهی ۽ ان کان پو امام حسین جا زوار رسول خدا ص جی پرڄم جی سائی ۾ ایندا ۽ اهو پرچم امام علی ع جی هٿن مبارڪن ۾ هوندو ۽ سڀ جاسڀ امام حسین جا زوار جنت ۾ داخل ٿیندا ۽ اهی (زایرین) ان پرچم جی اڳیان، پویان، ساڄی ۽ کاٻی پاسی کان هوندا( ڪامل ایارات ج1 باب 55)

6. امام صادق پنهنجی هڪ صحابی کی مخاطب ٿی ڪری فرمائن ٿا ته ای شخص امام حسین جی زیارت تی وڃ ۽ ان کی ترڪ نه ڪر ، اهو شخص سوال ٿو ڪری ته جیڪو امام حسین جی زیارت ڪندو ان جو اجر ۽ ثواب ڇا ملندو؟ 

امام صادق ع سندس جواب ۾ فرمائڻ لڳا ته جیڪو پیادل امام حسین جی زیارت تی ایندو خداوند متعال هر قدم جی بدلی ۾ نیڪی لکندو ۽ هڪ گناه کی مٽائیندو ۽ انهن جی درجی کی بلند ڪندو ۽ خداوند متعال ٻن فرشتن کی معین ڪندو جیڪی فقط انهی مومن ۽ امام حسین جی زایر جی نیڪین کی لکندا ۽ اگر خدانخواسته انهی سفر جی دواران ڪا غلطی ۽ گناه جو ڪم سرزد ٿی ویو ته اهی ملائڪ اهی گناه ڪون لکندا ۽ جنهن محل زیارت کان بعد ۾ واپس ٿیندو ته اهی فرشتا ان کی خدا حافظ ۽ الوداع ڪندا  ۽ چوندا ته ای الله جا دوست تنهجی مغفرت ٿی وئی تون خداوند متعال ۽ سندس پیغمبر ص جی لشڪر منجهان آهین خدا جو قسم تنهنجی اک ڪڏهن به جهنم جی باه کی نه ڏسندی ۽ باه به توکی نه ڏسندی ۽ توکی پنهنجو شڪار قرار نه ڏیندی.( ڪامل ایارات ج6 باب 49).

انهی روایت ۾ امام حسین جی زایر کی خدا جو دوست ۽ گناه کان آجو شمار ڪیو ویو آهی واقعا امام حسین جی زیارت جو ثواب ۽ مقام تمام وڌیڪ آهی خداوند متعال اسان کی امام حسین جی زیارت با معرفت نصیب فرمائی (آمین).


تبلیغات

محل تبلیغات شما

آخرین ارسال ها

عکس آقای خامنه ای

آخرین جستجو ها

چکاوک خیال Charise اکستنشن مژه پسته دامغان معرفي داروها تعمیرگاه مجاز مرکزی لوازم خانگی تابگرها علی رحمانی پور Tammy